اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي ما?? جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 545 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ج??هن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 808 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ما?? سنڌ ۾ 13 هزار 314، پنجاب ۾ 11 هزار 409، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 435، اسلام آباد 3 هزار 52، بلوچستان 656، گلگت بلتسان ۾ 753 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 455 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا ما?? صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 91 هزار 169 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪ?? به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، ج??هن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز ت?? 102 ڪورونا جا مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 66 آهي.