اسلام آباد – 03 سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ڪراچي جي عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي، سي??ريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان بي شمار مسئلا درپيش آهن، ماضي ۾ انهن مسئلن جي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، تازين برساتن انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان“ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، سي??يٽر شبلي فراز، سيد امين الحق، سيد علي حيدر رضوي، سنڌ جو ??ورنر عمران اسماعيل (وڊيو لنڪ)، اين ڊي ايم اي جو ??يئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ڪراچي جي پراڻي مسئلن جي حل جي حوالي سان جامع منصوبي ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان“ جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چي?? ته صاف پاڻي جي فراهمي، سي??ريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان ڪراچي جي عوام کي بي شمار مسئلا درپيش آهن، بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن مسئلن جي مستقل بنيادن تي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، هن چي?? ته تازين برساتن جتي انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو اتي ڪراچي جي عوام کي تمام گهڻن مسئلن جي ور چاڙهيو آهي، جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي.