شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نالو ??ڪر?? ??ي يورپي ملڪن جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يو??ين جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي، ماحولياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي ڪلائمينٽ امپلي مينٽيشن سمٽ جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان يورپي يو??ين ڪمشنر ارسلاوون ڊيرلين ملاقات ڪئي. وزيراعظم يورپي يو??ين ملڪن جي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد جي جذبي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يو??ين گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ اهم حصيدار آهن، موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي اتحاد ضروري آهي، اسرندڙ ملڪن اڄ جن اثرن جو مقابلو ڪري رهيا آهن، سڀاڻي سموري دنيا کي ان جو خميازو ڀوڳڻو پوندو. وزيراعظم ف??ٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ??ڪر?? ۾ يورپي ملڪن جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته يورپي يو??ين ۽ پاڪستان ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي. يورپي يو??ين جي ڪمشنر ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.