بيجنگ – 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ چي?? جي صدر شي جن پنگ سان م??اقات ڪئي جنهن ۾ ايم ايل ون کي شروعاتي ??ار??يسٽ منصوبي جي طور تي شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته چيني صدر پاڪستا?? جي لاءِ 50 ڪروڙ يوا?? جي اضافي امداد جو اعلان ڪيو، ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 20 هين مرڪزي ڪميٽي جو ٻيهر جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي صدر شي جن پنگ کي مبارڪباد ڏني. هن م??ڪ ۾ هولناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي ڏس ۾ پاڪستا?? جي امداد، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ چي?? جي اڻٿڪ مدد تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ پنهنجي و??بستگي کي و??جايو جيڪا هر آزمائش ۾ پوري لٿي آهي. ٻنهي ملڪن امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي پنهنجي گڏيل ويزن کي عملي جامعو پارائڻ ۾ مضبوطي سان گڏ بيٺل آهن. چين سان پاڪستا?? جي منفرد تاريخي لاڳاپن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪا م جي لاءِ ٻطرفي دوستي جي عزم کي و??جائيندي و??يراعظم شهباز شريف ان ڳالهه جو ڀرپور ورجاءُ ڪيو ته پاڪ چين دوستي پاڪستان ۾ سياسي سطح تي مڪمل اتفاق راءِ رکي ٿي ۽ اهو بين الرياستي لاڳاپن جو هڪ نمونو آهي. وزيراعظم چي?? جي خوشحالي جي لاءِ صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ا?? جي ويزن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان کي چي?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي قومي عزم سان تحريڪ ملي آهي. ٻنهي اڳواڻن دفاع، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، صحت، تعليم، گرين انرجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري سميت ڪيترن ئي معاملن تي تعاون تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سي پيڪ جي لاءِ پنهنجي گڏيل وابستگي کي و??جايو ۽ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته سي پيڪ جي اعليٰ معياري ترقي پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته اسٽريٽجڪ اهميت جي منصوبي جي طور تي ٻئي ڌريون سي پيڪ جي فريم ورڪ تحت ايم ايل ون کي شروعاتي ??ار??يسٽ منصوبي طور شروع ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪندا. هنن ڪراچي ۾ ماس ٽرانزٽ منصوبي جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي کي جلد شروع ڪرڻ جي لاءِ سمورين رسمي ڪاررواين کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. هنن دوري دوران ٻطرفي تعاون جي و??يع معاملن جو احاطو ڪندڙ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي پڻ ساراهيو. صدر شي جن پنگ يقين ڏياريو ته چين پائيدار اقتصادي ترقي ۽ جيو اڪنامڪ مرڪز طور پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستا?? جي حمايت جاري رکندو. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي امداد ۽ بحالي جي ڪوشش?? جي لاءِ 500 ملين يوا?? جي اضافي امداد جو پئڪيج جو پڻ اعلان ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ماحول ۾ تيزي سان تبديلي بابت خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي جنهن اسرندڙ ملڪ?? جي لاءِ اقتصادي چئلينجنک ي وڌائي ڇڏيو آهي. هنن برابري ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون تي پنهنجي گڏيل يقي?? جي توثيق ڪئي جيڪو عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم آهي. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موسمياتي تبديلي، صحت جي و??ائي مرضن ۽ وڌندڙ اڻبرابري جهڙن م??جوده چئلينج?? جي لاءِ گڏيل قوم?? جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن م??جب رياست?? جي وچ ۾ تعاو?? جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر شي جن پنگ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ افغانستا?? جي صورتحال سميت خطي سان لاڳاپيل اهم معاملن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي سلامتي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندو. هنن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته سي پيڪ جي افغانستان تائين توسيع سان علائقائي رابط?? جي قدمن کي سگهه ملندي. وزيراعظم سي شي جن پنگ کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري و??تو.