اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي)آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته گڏيل قومن کي پنهنجي قراردادن موجب استصواب راءِ ذريعي ڪشميري عوام کي پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏيڻو پوندو، ڪجهه عالمي طاقتون هڪ طرف امن امن جو نعرو لڳائينديون آهن ۽ ٻي طرف والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انسانيت لڄائيندڙ ظلمن تي اکيون بند ڪري وٺنديون آهن. 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي بيان ?? هن چ??و ته جيستائين عالمي طاقتون ڪشمير معاملي تي پنهنجو ٻٽو معيار ترڪ نٿيون ڪن تيستائين خطي ۾ پائيدار امن قائم ??ٿو ٿي سگهي. هن چ??و ته ڪشمير جي مسئلي جو حل خطي جي خوشحالي ۽ امن لاءِ ضروري آهي ۽ ڀارت کي ڌنوس ۽ هٺ ڌرمي کي ترڪ ڪري ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. وفاقي وزير چ??و ته انساني حقن جي چيئمپين ملڪن جي منفافقاڻي رويي جي ڪري ڪشميري مسلمانن جي آزادي ۽ خودمختياري واري حق جو معاملو هن وقت تائين لٽڪيل آهي، وفاقي وزير چ??و ته اسان هر مشڪل ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ اسان جون تاريخي ۽ بي مثال قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چ??و ته ڀارت ڄاڻي وٺي ته 75 سالن ۾ هر ايندڙ نسل ڀارت خلاف علم بغاوت بلند ڪيو آهي ۽ هو ڪشميرين جي حريت واري جذبي کي ڪڏهن مات نه ڏئي سگهيو. هن چ??و ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جو سج آخر ڪار اڀرندو.