اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وف??قي ڪابينا پاڪستان سان قانوني مدد جي حوالي سان لکت معاهدو نه رکندڙ ملڪن پاران گڏيل قانوني مدد جون درخواستون قبول ڪرڻ جي گهرو وزارت جي سمري منظور ڪري ورتي جڏهن ته وزيراعظم ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هدايت ڪئي آ??ي ته حاجي سڳورن جي اوور بڪنگ جي حوالي سان بئنڪن کان اهو ضرور پڇيو وڃي ته انهن ان معاملي ۾ لاپرواهي کان ڪم ڇو ورتو ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي 3 ارب رپين جي فراهمي جي منظوري پڻ ڏني وئي آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وف??قي ڪابينا جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم سمورن ڪابينا ميمبرن کي ڀليڪار چيو. وف??قي ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومتي ڪوٽا تي حاجي سڳورن جي اوور بڪنگ جي معاملي جي انڪوائري رپورٽ بحث هيٺ آئي. ان معاملي تي جوڙيل ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزارت، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا نمائندا شامل هئا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اوور بڪنگ جي معاملي ۾ مفاهمت جا مسئلا هئا ۽ ڪنهن به قسم جي بدنيتي جا ثبوت نه مليا. جن بئنڪن پاران حاجي سڳورن جي حڪومتي ڪوٽا تي اوور بڪنگ ڪئي وئي هئي، انهن بئنڪن پاران حاجي سڳورن کي معاوضي جي رقم ادا ڪئي وئي آ??ي. وزيراعظم ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي اها هدايت ڪئي ته انهن بئنڪن کان اهو ضرور پڇيو وڃي ته انهن ان معاملي ۾ لاپرواهي کان ڪم ڇو ورتو. وزيراعظم ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بئنڪن کي پنهنجو ڪم موڪل واري ڏينهن به جاري رکڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هدايت ڪري ڇڏي. وف??قي ڪابينا اهڙن ملڪن جن سان پاڪستان جو قانوني مدد جي حوالي سان ڪو لکت وارو معاهدو نه آهي پاران گڏيل قانوني مدد جون درخواستون قبول ڪرڻ جي گهرو وزارت جي سمري منظور ڪري ورتي. وف??قي ڪابينا نيشنل هيلٿ سروسز، ريگي??لي??نز اينڊ ڪوآرڊينيشن پاران 10 دوائن تي ريٽيل پرائس وڌائڻ جي سمري رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته آئون دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي قطعي حمايت نه ٿو ڪريان. وف??قي ڪابينا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سفارش تي بجلي سان هلندڙ پنکن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ انرجي پرفارمنس اسٽينڊرڊ جي مدي ۾ 30 جون 2023ع تائين توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته وزيراعظم سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان 30 جون 2023ع کان اڳ گهٽ کان گهٽ انرجي پرفارمنس اسٽينڊرڊ کي بهتر ڪوالٽي تي آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي. وف??قي ڪابينا ليجيسليٽو ڪيسز بابت ڪميٽي جي 2 سيپٽمبر 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل ف??صلن جي توثيق ڪري ڇڏي. جن ۾ بائيو اسٽڊي رولز 2017ع جي رول 13 ۾ ترميم جي منظوري، اميگريشن آرڊيننس جي سيڪشن 15 ۾ ترميم جي منظوري، گئس چوري جي روڪٿام ۽ وصولي ايڪٽ 2016ع ۾ ترميمن جي منظوري، اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ جي سيڪريٽري جي جڳهه تي سروس رولز ۾ ترميمن جي منظوري، سولر اوزارن، اليڪٽرڪ موٽرز، پاور ٽرانسفارمر کي پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۾ شم??لي?? شامل آهي. وف??قي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي اي سي سي جي 8 سيپٽمبر جي اجلاس ۾ ڪيل ف??صلن جي توثيق ڪئي جن ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ٻوڏ متاثرين جي کاڌي پيتي جي ضروري شين جي خريداري جي 54 ڪروڙ رپين جي منظوري، پاسڪو جي ايجنسين جي وچ ۾ مقامي ۽ درآمد ٿيل ڪڻڪ جي ذخيري جي ورڇ جي منظوري، افغانستان ۾ ٽن پاڪستاني اسپتالن ۾ اوزارن جي خريداري، پگهارن ۽ فعاليت جي لاءِ رقم جي منتقلي جي منظوري، ٻوڏ متاثرين کي ريليف جي فراهمي جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي 3 ارب رپين جي منظوري شامل آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي قيمت جي تعين ۽ يوريا جي ورڇ جي حوالي سان صوبن جي وچ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ناڻي واري وف??قي وزير مفتاح اسماعيل، فوڊ سيڪيورٽي واري وف??قي وزير طارق بشير چيما، ميري ٽائيم افيئرز واري وف??قي وزير فيصل سبزواري، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ واپار واري سيد نويد قمر کي ٽاسڪ ڏنو ويو.