ڪراچي – 12 سيٽپمبر(اي پي پي) پاڪ فضائيه خيبرپختونخواهه، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي عمل لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪ فضائيه طرفان جاري پڌرائي مطابق پاڪ فضائيه جا هوائي ٻيڙه ۽ هيليڪاپٽرن ٻوڏ متاثرين کي محفوظ انخلا سميت کادي پيتي جي سامان ۽ طبي سامان جي ايئر ڊراپ ذريعي ترسيل ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪ فضائيه جون ??يڊ??ڪل ٽيمون ٻوڏ متاثرن جي مشڪلات کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فلڊ ريليف ڪيمپن ۾ مسلسل طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورت مند خاندانن ۾ 22 هزار 785 پچيل کادي جا پيڪٽ، 250 پاڻي جون بوتلون ۽ 1380 بنيادي غذائي جنسن تي ??ڌل خشڪ راشن جا پيڪٽ ورهايا. مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي جي علاوه پاڪ فضائيه جي فلڊ ??يڊ??ڪل ڪيمپن ۾ ??يڊ??ڪل ٽيمن 1389 مريضن جو طبي معائنو ب?? ڪيو آهي.