سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هي?? ??مو?? ۽ ڪشمير ۾ قائد حريت ۽ تحريڪ آز??دي ڪشمير جي علامت سيد علي گيلاني سدائين ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي وڪالت ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني سڄي زندگي ??مو?? ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي ڪيترين ئي تقريرن ۽ خطابن ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ??مو?? ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي ۽ ڪشمير??ن کي اهو فيصلو ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي ته اهي ڀارت سان گڏ رهڻ چاهين ٿا يا پاڪستان سان الحاق ڪرڻ چاهين ٿا. هن جو چوڻ هو ته ڪشميري ڀارت کان عليحدگي جو مطالبو نه ڪري رهيا آهن پر ??مو?? ۽ ڪشمير جي آز??دي چاهين ٿا جيڪو ڪڏهن ڀارت جو حصو ناهي رهيو.