اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت ۽ ان جي ??يلي ادارن جي ملازمن ۽ آفيسرن پرائيم منسٽر ريليف فنڊ ۾ رضاڪاراڻي طور تي عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم جي ??پيل تي اطلاعات وا??ي وزارت ۽ ذيلي ادارن جي گريڊ 1 کان 16 تائين جا ملازم پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار رضاڪاراڻي طور تي تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر عوام جي مدد لاءِ قائم ريليف فنڊ ۾ جمع ڪرائيندا. جڏهن ته گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جا سڀئي آفيسر پنهنجي 7 ڏينهن جي پگهار پرائيم منسٽر فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيو ڪندا. اطلاعات وا??ي وزارت جي ملازمن چيو آهي ته اطلاعات وا??ي وزارت ۽ ان جي ??يلي ادارن جا ملازم هن مشڪل وقت ۾ حڪومت ۽ متاثر عوام سان گڏ بيٺل آهن. وزارت جا سمورا ملازم ۽ آفيسر ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي ??حالي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ وز??را??ظم ۽ اطلاعات وا??ي وفاقي وزير جي ??پيلن تي امدادي رقم فلڊ ريليف فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.