اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عوام جي تڪليفن جو تدارڪ وزيراعظم عمران خان جي پهرين ترجيح آهي، هو عوا?? کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ هر حد تائين ويندو. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم قو?? کي خطاب ۾ ملڪي تاريخ جي وڏي عوامي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪندو، اهو پئڪيج عوام جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ۽ انهن جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو.