اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيف سيڪريٽرين کي حڪم ڏنو آهي ته اهي ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن ۾ استحڪام خاص طور تي منڊي ۽ پرچون اگهن ۾ غيرمنطقي فرق کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان هر ممڪن انتظامي قدمن کي يقيني بڻائين، کنڊ ۽ ڪڻڪ جي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ۽ وقت سر قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ضرورت جي بنيادي شين جي طلب ۽ پهچ ۽ ان جي قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي وا??ي وفاقي وزير شوڪت ترين، صنعت ۽ پيداوار وا??ي وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي وا??ي وفاقي وزير اسد عمر، خوراڪ وا??ي وزير سيد فخر امام، واپار وا??ي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ڊاڪٽر شهباز گل، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، جمشيد اقبال چيما ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ سينيئر آفيسر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ عام ماڻهو جي استعمال ۾ ايندڙ ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن جو تقاب??ي جائزو خاص طور تي منڊي ۽ پرچون جي اگهن جو تقاب??ي جائزو پيش ڪيو ويو. ملڪ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جي موجود اسٽاڪ ۽ مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان کنيل قدمن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ وا??ح گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان کنيل قدمن کان پڻ اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. پنجاب جي چيف سيڪريٽري پنجاب صوبي ۾ قيمتن جي حوالي سان کنيل انتظامي قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قيمتن جي استحڪام جي ڏس ۾ پنهنجي ذميوارين ۾ لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، هيستائين 7 اسسٽنٽ ڪمشنرز، مارڪيٽ ڪميٽين جي ٻن سيڪريٽرين کي معطل جڏهن ته ٻن ڊپٽي ڪمشنرز کي وا??ننگ ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان معاملا حتمي مرحلن ۾ آهن، ان جي نتيجي ۾ کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 10 کان 15 رپيا في ڪلو گهٽتائي جي اميد آهي. ان موقعي تي وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته عام ماڻهو جو تحفظ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيف سيڪريٽرين کي حڪم ڏنو ته ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن ۾ استحڪام خاص طور تي منڊي ۽ پرچون ۾ غيرمنطقي فرق کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان هر ممڪن انتظامي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته رڳو انتظامي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ناڪافي آهي، انتظامي قدمن جا نتيجا سامهون اچڻ گهرجن ته جيئن عوام کي ريليف ملي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ جي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ۽ وقت سر قدمن کي يقيني بڻايو وڃي.