اسلام آ??اد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ڊاڪٽر عشرت حسين ملاقات ڪئي. هن اطلاعات واري وفاقي وزير کي اداراجاتي سڌارن بابت ڪتاب پيش ڪيو. ڪتاب ۾ خرچن ۾ گهٽتائي ۽ اداراجاتي سڌارن بابت حڪمت عملي واضح ڪيل آهي. انهن سفارشن تي عملدرآمد سا?? نه رڳو ادارن جون خاميون ختم ڪرڻ پر ڪارڪردگي به??ر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.