اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن جي قيام لاءِ اجتماعيت رکندڙ سياسي تصفيي جو حامي آهي، ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي، افغانستان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آهي، افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ افغانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي ??ڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن يو??پي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت سربراهه جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ علائقائي امن امان جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير يو??پي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ??ڌايو ته ان جي جرمني، هالينڊ، بيلجيئم ۽ ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزيرن سان افعانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان کي خوشي آهي ته افغانستان جي حوالي سان اسان جي نقطئه نظر ۾ هم آهنگي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغان شهرين جي جان ۽ مال ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي ??قيني بڻايو وڃي. موجوده قيادت طرفان منظر عام تي ايندڙ تازه بيان حو??له افزا آهن. هن چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي افعانستان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آهي. افغانستان ۾ امن جو قيام نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکي ??و ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 90ع جي ڏهاڪي جي صورتحال کان بچڻ لاءِ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن نازڪ موڙ تي افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ افعانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي ??ڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي م ڀرپو?? معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ يو??پي يونين کي به هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان يو??پي يونين سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ يو??پي يونين سان ڪثير الجهتي ??اڳاپن کي ??ڌيڪ هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.