اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته قانون لاڳو ڪن??ڙ ادارن جي امن جي لاءِ ڏنل قربانيون رائيگان نه ??ينديون، اهڙي قسم جي بزدلاڻي تخريبي ڪاررواين سان ملڪ ۽ خاص ??ور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، دهشتگرد پوري انسانيت جا دشمن آهن، ملڪ دشمن عنصرن کي بلوچستان ۾ قربانين سان مليل امن سبوتاز ڪرڻ نه ڏينداسين.