اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي حڪومت جي ايندڙ ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ راندين تي خاص ڌيان ڏيندو، معيشت سميت ٻين ملڪي مسئلن جي ڪري هو راندين جي لاءِ وقت نه ڏئي سگهيو. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ سوشل ميڊيا تي طلحيٰ طالب جي س??ڪاري س??پرستي کانسواءِ اولمپڪس ۾ نمايان ڪارڪردگي جي حوالي س??ن پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته راندين کي جيڪو وقت ڏيڻ گهرجي ها نه ڏئي سگهيس، معيش?? ۽ ??ين مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ڪري اهو وقت نه ڏئي سگهيس، آئون راندين بابت بهتر ڄاڻان ٿو، ڪرڪيٽ، هاڪي، اسڪوائش جو عروج ??ٺو?? راندين ۾ پستي جو بنيادي س??ب ٻن خاندانن جي حڪومت آهي جن ادارا تباهه ڪيا، انهن نيب ۾ پنهنجا من پسند ماڻهو ويهاري ان کي تباهه ڪيو پر اسان جي دور ۾ نيب پهريون ڀيرو وڏن ماڻهن تي هٿ وڌو جڏهن ته اهو ئي قانون آهي، بي شرمي ۽ بيدردي س??ن ملڪ کي ڦريو، هاڻي ان اداري انهن جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. وزيراعظم چيو ته راندين ۾ اسان دنيا سان مقابلو ڪري رهيا هئاسين، دنيا پنهنجي جديد ذريعن سان اڳتي وڌي رهي آهي، اسان جو مسئلو راندين جا ادارا نه ??اهڻ آهي، اسڪوائش ۾ جان شير ۽ جهانگير خان جي وڃڻ کانپوءِ اها راند اسان جي هٿن ۾ نڪري وئي ڇو ته اسان اسڪوائش جو ادارو نه ??اهيو، اسان کي راندين جا ادارا ٺاهڻا آهن، پروفيشن??ز کڻي اچڻا آهن، آخري ٻن سالن ۾ ان تي ڀرپور ڌيان ڏيندس. هن چيو ته سسٽم بهتر ٿيڻ جي ڪري نيوزيلينڊ ڀارت کي هارائي ڇڏيو، اسان يونين ڪائونسل جي س??ح تائين ميدان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان آهستي آهستي س??ٽم ٺيڪ ڪنداسين.