لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٿيليسيميا جي باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٿيليسيميا هڪ موورثي بيماري آهي، ڪزن ميرج جي ڪري ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙا جوڙا شادي کان اڳ ٿيليسيميا جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، سندس فائونڊيشن ٿيليسيميا جي مرض جي خلاف اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سندس فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٿيليسيميا جو شڪار ٻار سالن کان سندس فائونڊيسن کان بلڊ ٽرانسفيوزن ڪرائي رهيا آهن، ٿيليسيميا هڪ موروثي مرض آهي، اسان ??ٽ شادي کان ??هرين ٽيسٽ نه ڪرايا ويندا آهن جنهن جي نتيجي ?? اهڙيون بيماريون پکڙجنديون آهن، ڪزن ميرج جو رواج به عام آهي، اهڙين شادين جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙا جوڙا شادي ڪرڻ کان اڳ پنهنجو ٿيليسيميا جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، جيڪڏهن انهن ۾ ٿيليسيميا جو ٽيسٽ پازيٽو آهي ته کين ڪزن ميرج کان ??اسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان جي نتيجي ?? پيدا ٿيندڙ ٻار ان ??رض جو شڪار ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته اسان ??ٽ ان باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضر??رت آهي، وفاقي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته سندس فائونڊيشن هيومن ريسورس تي به ڌيان ڏنو آهي.