ليه – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڌاڙيلن جي خلاف ڪارروائي ۾ رينجرز پوليس جي مدد ڪندي، خواهش آهي ته هر شهري کي هيلٿ انشورنس جي سهولت حاصل هجي، دنيا جو ڪو ٻيو ملڪ ايتري وڏي سهولت نه ڏئي رهيو آهي، نيون اسپتالون ٺاهڻ جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، شهرن جي پکيڙ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڏورانهن ??لائقن جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو وڃي، ترقي جي عمل ۾ سڀني علائقن کي شامل ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ??حت سهولت ڪارڊ جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪي??. تقريب ۾ پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار، صحت واري ??وب??ئي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي، وزيراعظم چيو ته هو چاهي ٿو ته هر خاندان وٽ هيلٿ انشورنس هجي اڄ کان 50، 60 سال اڳ تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو، دنيا ۾ ڪنهن ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ان وقت ويزا جي به ضرورت نه هئي، تڏهن ??رطانيه ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هو ۽ برطانيه هڪ فلاحي رياس?? هئي ۽ اتي سڀني ماڻهن ??و سرڪاري اسپتالن ۾ مفت علاج ڪي?? ويندو هو. پاڪستان هڪ فلاحي رياست لاءِ قائم ڪي?? ويو هو پر بدقسمتي سان اسان جو ملڪ فلاحي رياست نه بڻجي سگهيو، وزيراعظم چيو ته غريب ماڻهن لاءِ علاج جي مفت سهولت تمام وڏي نعمت آهي، شوڪت خانم ڪي??سر اسپتال به غريبن لاءِ ٺاهي آهي، ڇاڪاڻ جو ڪي??سر جو علاج گهڻو مها??گو آهي، انسانيت جي ڀلائي لاءِ قدمن سان برڪت ٿيندي آهي، مديني جي رياست دنيا جي پهرين فلاحي رياس?? هئي، دنيا ۾ مديني جي رياست سڀ کان وڏو انقلاب آندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ٻارن جي اڪثريت بنيادي سهولتون نه ملڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويندي آهي، ۽ ماءُ ۽ ٻار جون فوتگيون به اسان وٽ گهڻيون ٿينديون آهن، ان ۾ گهٽتائي لاءِ ماءُ ۽ ٻار جي اسپتالن جو ڏورانهن ??لائقن ۾ قيام تمام ضروري هو، بنيادي صحت جي مرڪزن جي شمسي توانائي تي منتقلي گهڻي اهميت رکندڙ آهي.