اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان پاڪستان ۽ چين جي لاڳ??پن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبن سان دنيا ۽ خطي ۾ اقتصادي ترقي جا شاندار موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن سي پيڪ، پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳ??پن جي 70 هين سالگرهه، ويڪسين جي فراهمي ۾ تعاون، اعليٰ سطحي دورن ??ميت پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفن لاڳ??پن کي فروغ ڏيڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.