اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي احتساب پاليسي واضح آهي، سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر آهن، چاهي اپوزيشن اڳواڻ هجي يا ڪابينا جو ميمبر، الزام لڳندا ته جاچ ٿي??دي ۽ جوابدهي جو اصول لاڳو ٿي??دو، اها ئي نظام جي تبديلي آهي جنهن جو واعدو هو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران ??ان ??ي حڪومت ۾ ئي ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن الزام لڳن ته جاچ ٿي??دي آهي، نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي دور ۾ ميڊيا جا گلا ويهي ويندا هئا پر مجال آهي جو جُون به چري، اها ئي نظام ۾ تبديلي آهي حڪومتي اهلڪارن کي احتساب جو خوف ٿيڻ گهرجي، طاقتور ترين ماڻهن به قانون کان مٿانهان نه آهن.