اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنهنجو گهر اسڪيم سان ملڪ ۾ تعميراتي شعبي ۾ انقلاب ايندو، اهو منصوبو پاڪستان جي عوام کي پنهنجو گهر، روزگار جا موقعا، ملڪي دولت ۾ اضافي ۽ معيشت کي فر??ع ڏيندو، ملڪ جي مستقبل جي لاءِ هي اهم منصوبو آهي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ جا سربراهه عوام جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. هو هائوسنگ ٽيلي ٿان کي ٽيليفونڪ خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسٽوڊيو ۾ سينيٽر شبلي فراز، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، نيشنل بئنڪ پاڪستان جو صدر مو??ود هئا. ماڻهن پاران ان موقعي تي سڌوسنئون ڪالز ڪري پنهنجي مسئلن کان آگاهه پڻ ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ا??ڙن ماڻهن کي موقعو ڏنو پيو وڃي جيڪي پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿا رکن، انهن کي هي موقعو ڏنو پيو وڃي ته جيڪا رقم اه?? گهرن جي ڪرايي جي مد ۾ ڏئي رهيا آهن اها ئي قسط ادا ڪن. يورپ آمريڪا ۾ اهڙي طرح بئنڪن کان قرض وٺ?? گهر خريد ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته پاڪستان ۾ اهو رواج نه هو. اسان پهريون ڀيرو اهو شروع ڪيو آهي. هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر رضا باقر ۽ نيشنل بئنڪ جي صدر کي هدايت ڪئي ته اهي قرض حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ختم ڪن ۽ عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن. هن اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي تاڪيد ڪئي ته هو سمورين بئنڪن جي سربراهن کي ٻڌائي ته بئنڪ ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري.