اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته ٽائمز هائير ايجوڪيشن تحت اڀرندڙ معيشتن جي يونيورسٽين ۾ 150 هين پوزيشن حا??ل ڪرڻ عبدالولي خان يونيورسٽي مردان جي هڪ واکاڻ جوڳي ڪاميابي آهي، يونيورسٽي جي پنهنجي قيام جي ٿوري عرصي ۾ اهو اعزاز حا??ل ڪرڻ يونيورسٽي جي انتظاميه، استادن ۽ شاگردن ??ي شوق ۽ محنت جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عبدالولي خان يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ظهور الحق ۽ سندس ٽيم سان هڪ ملاقات ۾ ڪيو. هن يونيورسٽي جي وائس چانسلر، استادن ۽ شاگردن کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد به ڏني. ??سپ??ڪر اسد قيصر چيو ته صنعتي ترقي ڪنهن به قوم جي معاشي خوشحالي ۽ ڪاميابي جي ڪنجي آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت قائم ٿيندڙ صنعتي منصوبن جي مڪمل فعال ٿيڻ سان پاڪستان خاص طور تي خيبرپختونخوا صوبو معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ عبدالولي خان يونيورسٽي جو ڪردار اهم هوندو. هن ملڪ کي درپيش معاشرتي، معاشي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي معاملن تي تحقيق جي فروغ لاءِ ريسرچ جي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.