ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ملڪ ۾ سائنسي تعليم جي اشد ضرورت آهي. ا??ان جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي نوجوانن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر مملڪت اهڙو اظهار يونيورسٽي جو نئون نالو رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بينٽ هوڊسن يونيورسٽي کي سليم حبيب يونيورسٽي جو نالو ڏنو ويو ??هي. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ملڪ ۾ آن لائين تعليم کي وڌيڪ مربوط بنائڻ گهرجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏ??ڻ ??ان ملڪ ترقي جي راهه تي هلندو. هن چيو ??ه ا??ان افرادي قوت ٺاهي ورتي ته قومن جي برادري ۾ پاڪستان ٽاپ تي هوندو. هن چيو ??ه پاڙيسري ملڪ ۾ اقليتن کي ڌار ڪيو پيو وڃي، ا??ان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم معاشري جي تق??يم کي ختم ڪيو. هن چيو ??ه سليم حبيب يونيورسٽي ۾ ميرٽ کي خاص اهميت حاصل آهي.