وانا – 20 – جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته چورن جو ٽولو جيترو مرضي بليڪ ميل ڪري کين اين آر او نه ملندو، ملڪ تي جيڪڏهن چورن ۽ ڦورئن جي حڪمراني هجي ته اهو ترقي نٿو ڪري ??گهي، ڏکڻ و??ير??تان ۾ پنج هزار ڪينال تي نالج سٽي ۽ سمورن رهواسين کي هيلٿ انشورنس جي سهولت ڏئي رهيا آهيون، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز جي زمين جي نشاندهي چڱن مڙسن جي مشاورت سان ڪئي ويندي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي خصوصي هدايت ڪئي آهي ته اڳوڻي قبائلي علائقن جي فنڊز ۾ ڪابه ڪٽ??تي نه ڪري، اڳوڻي فاٽا، ڏکڻ بلوچستان سميت پوئتي پيل علائقن جي ترقي اسان جي ترجيح آهي. ڏکڻ و??ير??تان جي علائقي مولاخان سراءِ ۾ چڱن مڙسن کي خطاب ڪندي و??ير??عظم عمران خان چيو ته مديني جي رياست جو بنياد قانون جي بالادستي ۽ انصاف جو نظام هو، اڄ به مديني جي رياست جا اصول رول ماڊل آه??، هن چيو ته ڇا مديني جي رياست هڪدم وجود ۾ اچي وئي هئي، مديني جي رياست ۾ غريب طبقي کي مٿي آندو ويو ۽ فلاحي رياست جو بنياد وڌو ويو هو، اڄ به جديد دنيا جا اصول مديني جي رياست جي ماڊل تي قائم آهن، اسان به ملڪ ۾ اسلامي فلاحي رياست جي قيام لاءِ ڪوشان آهيون،