اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چيو آهي ته سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا زندگي جي هر شعبي جي ترقي جو لازمي حصو بڻجي ??ڪا آهن، اي پي پي جي سوشل اينڊ ڊيجيٽل ميڊيا سيڪشن مختصر عرصي ۾ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، هن اد??ري کي جديد رخن تي قائم ڪري روينيو ۾ خاطرخواهه اضافو ڪري سگهجي ٿو، سوشل ميڊيا ٽيم وٽ اهڙي مهارت آهي جيڪا پيشيواراڻي ذميواري اد?? ڪرڻ کانسواءِ روزاني زندگي ۾ انهن جي تمام گهڻو ڪم ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون سال شروع ٿيڻ تي سوشل ميڊيا ٽيم سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيندي ڪيو. سيڪشن انچارج عارف حسين لاشاري ۽ نائب انچارج عباس شگري ايم ڊي محمد عاصم کچي کي پنهنجي ٽيم پاران گلدستو پيش ڪيو ۽ چيو ته توهان جي رهنمائي ۽ سرپرستي کانسواءِ هڪ قدم به اڳتي وڌڻ مشڪل هو. توهان س??شل ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ٽيم کي نه رڳو ڀرپور اعتماد ڏنو پر انهن کي بنيادي سهولتون پڻ فراهم ڪيون جنهن جي ??ري اسان کي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو ??وق??و مليو. توهان جا انتهائي ٿورائتا آهيون جو توهان هن س??ڪشن جي لاءِ خصوصي وقت ڪڍيو.