اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪشم??ر جرنلسٽس فورم جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڪشم??ر جرنلسٽس فورم ڪشم??ر جي عوام جو مضبوط آواز آهي، تحريڪ آزادي ڪشمير، آزاد ڪشم??ر جي سيا??ت ۽ عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪشم??ر جرنلسٽس فورم جو اهم ڪردار رهيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عرفان ??دوزئي کي ڪشم??ر جرنلسٽس فورم جو صدر ۽ مقصود منتظر کي سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته عرفان ??دوزئي ۽ مقصود منتظر جي قيادت ۾ فورم نئين بلندين تي پهچندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪشم??ر جرنلسٽس فورم جي نئين چونڊيل عهديدارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.