راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادريءَ کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي سماجي، ثقافتي، اقتصادي ۽ قومي ترقيءَ ۾ مسيحي برادريءَ سميت اقليتن جون خدمتون قوم لاءِ فخر ۽ طاقت ج?? ذريعو آهن. آءِ ايس پي آر ط??فان جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق آرمي چيف سينٽ جوزف ڪيٿولڪ ڪيٿيڊرل چرچ راولپنڊيءَ ۾ ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جتي آمد تي شرڪت ڪندڙن طرفان سند?? شاندار آجيان ۽ ان پُرمسرت موقعي تي سندس موجودگي ۽ يڪجهتيءَ تي سندس شڪريو ادا ڪيو ويو. آرمي چيف ان موقعي تي سڄي ملڪ جي مسيحي برادريءَ کي ڪرسمس جي مبارڪ ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪرسمس همدردي، خيرسگالي جي آفاقي قدرن جي انهن اصولن جي گهري ياد ڏياري ٿي جيڪا اسان جي معاشري کي هڪٻئي سان ڳنڍي ٿو.