اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي و??ير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته گڏيل قومون ۽ ان جي ذيلي تنظيمن جو پاڪستان ۾ اهم ڪردار آهي. گذريل ڏينهن وفاقي و??ير سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جو نمائندو گيئرٽو نسٽول به موجود هو. قيصر احمد شيخ ٻنهي مهمانن جي سامونڊي معاملن واري وزارت آمد تي آجيان ڪئي. وفاقي و??ير ٻُڌايو ته گڏيل قومن جي عالمي سامونڊي تنظيم ۽ سامونڊي معاملن واري وزارت گڏجي ڪم ڪري رهيا آ??ن ته جيئن پاڪستان جي ميري ٽائم سيڪٽر ج?? مسئلن کي حل ڪري سگهجي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان حوالي سان سيپٽمبر ۾ اسان انٽرنيشنل ميري ٽائم ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ عالمي بحري تنظيم جي سيڪريٽري جنرل شرڪت ڪئي ۽ اتي ميري ٽائم ان??سٽ??ي جي بهتريءَ لاءِ اهم ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي و??ير چيو ته گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرامن تحت پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ميري ٽائم ان??سٽ??ي ماحول دوست ماڊل ۾ تبديل ٿي رهي آهي. هن چيو ته ان مقصد لاءِ اسان ايڪو ڪلچر ۽ـ هائبرڊ ويسلز ۽ روٽ آپٽيمائزيشن ۽ ڊجيٽلائزيشن تي توجهه ڏئي رهيا آ??يون. هن ٻُڌايو ته وفاقي حڪومت ۽ سموريون صوبائي حڪومتون ايس ڊي جيز تي توجهه ڏئي رهيون آهن ڇاڪاڻ ته اسان کي سموگ ۽ ٻي قسم جي آلودگي کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ـ اسان پنهنجي ايئر ڪوائلٽي انڊيڪس کي بهتر بنائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آ??يون. پاڪستان ۾ پورهيتن جي حقن بابت ڳالهائيندي وفاقي و??ير چيو ته حڪومت ليبر ڪورٽس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي و??ير تسليم ڪيو ته اُسرندڙ ملڪ طور اسان وٽ پورهيتن جي حقن جا مسئلا موجود آهن. هن چيو ته سموريون صوبائي حڪومتون انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان مڪمل سهڪار ڪري رهيون آهن. وفاقي 22ع جي ٻوڏ ۾ يو اين آر سي جي آفيس جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ان دوران 33 ملين ماڻهو بيگهر ٿيا جنهن ۾ يو اين آر سي فنڊنگ ذريعي پڻ اسان جي مدد ڪئي ۽ رضاڪار به فراهم ڪيا.