ڪراچي-06 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اقتصادي سڌارن کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، حڪومت اقتصادي سڌارن لاءِ پرعزم آهي، ڊجيٽلائيزيشن سان انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ ۽ بدعنواني تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، نجي شعبي کي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ فيوچر سمٽ جي اٺين ايڊيشن ۾ پنهنجي اهم خطاب ۾ ڪيو. ناڻي ??ار?? وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي معيشت جي استحڪام ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ مختلف معاشي اهڃاڻن مان ان جي عڪاسي ٿي رهي آهي. اسان جو ٻيڻو خسارو سرپلس ٿي ويو آهي. گذريل مالي سال دوران معاشي استحڪام ۾ اڳڀرائي کي هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن ۾ ڪرنٽ ا??ائ??نٽ کاتن جو توازن مثبت رهيو آهي، پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. ناڻي ??ار?? وزير چيو ته مستحڪم ڪرنسي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ۽ مهانگائي ۾ گهٽ??ائ?? آئي آهي، وياج جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽ??ائ?? آئي آهي ۽ شرح 15 سيڪڙو جي سطح تي آهي. هن چيو ته اهي شروعاتي ثمر آهن ۽ ان جي بنيادن تي ڊگهي معاشي استحڪام ۽ اوسر جي عمارت تعمير ڪرڻي آهي. پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ سنگل بي ٿي ويندي. ناڻي ??ار?? وزير چيو ته پاليسي ريٽ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي پر اهو به ڏسڻ گهرجي ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽ??ائ?? جي 6 مهينن جي ??ائ??بور جي شرح 13 سيڪڙو ??ائ??ن اچي چڪي آهي، هي اها شرح آهي جنهن تي قرض ورتو ۽ ڏنو پيو وڃي.بئنڪنگ جو شعبو نجي شعبي جي مدد جي فراهمي لاءِ دستياب آهي. حڪومت مختلف شعبن کي رليف فراهم ڪري رهي آهي، غذائي ناڻي واڌ ۾ گهٽ??ائ?? آئي آهي. اي سي سي جي اجلاس ۾ ضروري شين جي قيمتن جي نگراني کي هاڻي باضابطه ڪارروائي جو حصو بڻايو ويو آهي، عالمي سطح تي گذريل 6 مهينن ۾ پيٽرول، ٽرانسپورٽيشن خرچن ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ گهٽ??ائ?? آئي آهي، ان صورتحال ۾ دال ۽ ڪڪڙ جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو هروڀرو آهي. حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته قيمتن ۾ گهٽ??ائ?? جو فائدو عوام ??ائ??ن پهچايو وڃي. هن چيو ته واشنگٽن ۾ ملاقاتن دوران ٻطرفن ۽ ڊگهي مدي ??ار?? شراڪتدارن پاڪستان سان سهڪار جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڍانچيوار سڌارن جو سلسلو جاري رکندو. ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن، سرڪاري ڪاروباري ادارن جي انتظام ۽ انصرام ۾ بهتري لاءِ قدم جاري رهندا. اسان سمجهون ٿا ته ڊجيٽلائيزيشن سان انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ ۽ بدعنواني تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته معيشت جي بنيادي ڊي اين اي کي تبديل ڪرڻو آهي،روانگي واپار تي ٻڌل اوسر لاءِ قدمن کانسواءِ ڪاروبار ۾ آسانيون فراهم ڪرڻيون پونديون، نجي شعبي کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي، نجي شعبي کي ان ڏس ۾ پيداوار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. ناڻي ??ار?? وزير چيو ته حڪومت سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان روانگي واپار تي ٻڌل سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري کي ترجيح ڏيندو. هن چيو ته عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن ??ائ??ن پهچ وڌائي ويندي. اسان کي آبادي ۾ اضافي بابت اسٽنٽنگ ۽ خواندگي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ناڻي ??ار?? وزير چيو ته وڌيڪ پاڪستان پنهنجي ٻطرفن ۽ گهڻ رخي حصيدارن سان گڏجي ملڪي ترقياتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم جاري رکندو. فيوچر سمٽ هڪ اهم فورم آهي، ان ڪانفرنس ۾ شريڪ پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ ماهرن کي ريئل ٽائيم ۾ آن لا??ن ويزا جاري ڪيا ويا آهن. آئون سمجهان ٿو ته اهو صحيح رخ ۾ اسان جي سفر جي هڪ سٺي شروعات آهي.