اسلام آباد-25 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڀرپور موقعا ملي رهيا آهن، حڪومت سڌار?? جي جامع ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، معاشي استحڪام لاءِ قدم?? جي نتيجي ۾ اهم معاشي اهڃاڻ مثبت آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالم?? بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي بهار ??ي موسم جي سالياني اجلاس ??ي موقعي تي واشنگٽن ڊي سي ۾ مختلف ملاقاتن، تقريبن ۽ سرگرمين دوران ڳالهائيندي ڪيو. ناڻي واري وزير سٽ?? بئنڪ، اسٽينڊرڊ چارٽرڊ ۽ جي پي مورگن طرفان منعقد سيڙپڪار فورمز ۾ شرڪت ڪئي ۽ گذريل مالي سال ۾ پاڪستا?? جي معيشت جي ڪارڪردگي بابت سيڙپڪارن کي تفصيل ??ان آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته معاشي استحڪام لاءِ کنيل قدم?? جي نتيجي ۾ اهم معاشي اهڃاڻ درست رخ ۾ گامزن آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن ۾ بهتري، نجڪاري ۽ حڪومتي ڍانچي ۾ اهم سڌارن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. حڪومت مجموعي پيداوار جي شرح سان ٽيڪس?? جي شرح ۾ اضافي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن قومي مالياتي معاهدي ۾ صوبائي حڪومت?? جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي. ناڻي واري وزير فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ عملي، عمل ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سڌارن جو ذڪر ڪيو. هن ان موقعي تي چيني آءِ پي پيز سان بجلي جي خريداري ??ي معاهدن تي ڳالهين، خاص اقتصادي زونز ۽ خودمختار ويلٿ فنڊ بابت سيڙپڪار?? جي مختلف سوالن جا جواب پڻ ڏنا. اسلامي ترقيات?? بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير پاڪستا?? جي ترقي ۾ اسلامي ترقيات?? بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو ۽ توانائي، ٽرانسپورٽ، تعليم ۽ صحت سميت مختلف شعبن ۾ بئنڪ جي سيڙپڪاري جي واکاڻ ڪئي. هن سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير جي پاڪستا?? جي تازي دوري جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ نجي شعبي سان بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي هٿي ڏني وئي. ناڻي واري وزير مهمند ڊيم جي تعمير ۾ اسلامي ترقيات?? بئنڪ ۽ عرب ڪوآرڊينيشن گروپ جي ٻين ميمبر?? جي سيڙپڪاري کي ساراهيو ۽ ان کي وڏي ۽ وڌيڪ گڏيل منصوبن لاءِ هڪ ڪامياب مثال قرار ڏنو. ناڻي واري وزير يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد سان ملاقات ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪائونسل جي ڪردار کي واکاڻ ڪئي آهي.هن آمريڪي ڪمپنين کي حڪومت جي سيڙپڪاري دوست پاليسين ۽ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ذريعي فراهم ڪيل ون ونڊو سروس مان فائدو حاصل ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي هن وزيراعظم طرفان ڪائونسل کي پاڪستا?? جي دوري جي دعوت جو به ذڪر ڪيو. جي پي مورگن بئنڪ جي نمائندن سان ملاقات دوران ناڻي واري وزير معيشت ۾ تازي بهتري ۽ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ (ايس بي اي) معاهدي جي پڄاڻي تي پاڪستا?? جي معاشي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٽيڪس، نجڪاري، سرڪاري ادار?? جي نئين سر تنظيم ۽ عالمي ڪيپٽل مارڪيٽن ۾ داخل ٿيڻ جي حوالي سان حڪومت جي عزم تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير ان سلسلي ۾ پهرين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو. ناڻي واري وزير برطانيه جي ترقي، عورتن ۽ برابري واري وزير انيليسي ڊوڊز سان ملاقات ۾ ترقي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ برطانيه جي پراڻي حصيداري کي ساراهيو ۽ پاڪستان لاءِ آءِ ايف سي ??ي موسيماتي سيڙپڪاري فنڊز ۾ 120 ملين ڊالر?? جي سهڪار جي آجيان ڪئي. ناڻي واري وزير برطانوي ڪمپنين کي زراعت، آءِ ٽي، کاڻيون کوٽڻ ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت به ڏني ۽ ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ منافعي ۽ ڊيويڊنڊ جي واپسي جا سمورا التوا هيٺ ڪيس ڪليئر ڪري ڇڏيا آهن. عالم?? بئنڪ جي آپريشنز بابت مينيجنگ ڊائريڪٽر اناجير دي سان ملاقات ۾ پاڪستا?? جي ترقياتي ترجيحن ۽ ورل?? بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير عالم?? بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف سان سهڪار سان شروع ٿيل گڏيل ڊوميسٽڪ ريسورس موبلائيزيشن انيشيٽيو جو تعارف ڪرايو. ناڻي واري وزير عالم?? بئنڪ طرفان پي فار آر ۽ آءِ پي ايف لاءِ چئن سالن تائين ڪا ڪمٽمنٽ فيس نه وٺڻ جي فيصلي کي ساراهيو. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته پراجيڪٽ جي بهتر تياري لاءِ عالم?? بئنڪ طرفان صلاحيتن ۾ بهتري جا ورڪشاپس منعقد ڪيا وڃن. بئنڪ فار آمريڪا سيڪيورٽيز طرفان منعقد سمال ٽاڪس فورم دوران ناڻي واري وزير حڪومت ??ي معاشي استحڪام جي ڪوششن ۽ گذريل ??ال ??ي معاشي ڪارڪردگي جو جامع جائزو پيش ڪيو. هن ٽيڪس، توانائي، نجڪاري ۽ سرڪاري ادارن ۾ سڌار?? جي عمل کي جاري رکڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻڌايو ته ايف بي آر ۾ جامع سڌارن جو سلسلو جاري آهي. هن سيڙپڪارن کي زراعت، آءِ ٽي، کاڻيون کوٽڻ ۽ تجديد جوڳي توانائي جي شعبن ۾ حصيداري جي دعوت ڏني. ناڻي واري وزير عالم?? بئنڪ گروپ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا طرفان ڏنل تقريب کي شرڪت ڪئي، ناڻي واري وزير عالم?? بئنڪ جي صدر کي پاڪستان ۾ واقع سک گردوار?? جي فريم ٿيل ??صوير جو تحفو پيش ڪيو.