اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٽيڪس ۽ اوڳاڙين جي نظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال انتهائي اهم آهي، ٽيڪس ڏيندڙن کي دوستاڻو ماحول فراهم ڪيو وڃي. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر ۾ سڌارن جي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي موقعي تي وزي??اع??م هدايت ڪ??ي ته ايف بي آر جي آفيسرن جي پيشيواراڻي صلاحيت ۾ اضافي ۽ ان کي موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزي??اع??م پاڪستان روينيو آٽوميشن لميٽيڊ جي نئين سر تعمير جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪ??ي. هن چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس ۽ اوڳاڙين جي نظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال انتهائي اهم آهي. وزي??اع??م ملڪ ۾ اسمگلن?? جي روڪٿام جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي هدايت ڪ??ي ۽ چيو ته ايف بي آر ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جي لاء?? دوستاڻو ماحول فراهم ڪيو وڃي. وزي??اع??م محمد شهباز شريف لاڳاپيل آفيسرن کي سمورن ايف بي آر سڌارن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪ??ي.