اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪار?? تي اهم بريڪ ٿرو ٿيو جنهن تحت اهم شعبن ۾ ايم او يوز تي صحيحيون ڪيون ويون. روس ?? پاڪستان وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل ڪاروباري سرگرميون ??ين??يون. اهڙن خيالن جو اظهار نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان گذريل ڏينهن روس ۾ پاڪ – روس ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ فورم ۾ ايم او يو تي صحيحين واري تقريب ۾ شرڪت جي موقع?? تي ڪيو. هن چيو ته روس جي دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري ۽ سيڙپڪارن کي ڳنڍڻ آهي، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ مفاهمت وارن يادداشت نامن تي صحيحيون سٺو سنئوڻ آهي. تقريب کي خطاب ڪندي روس جي واپار بابت ڊپٽي وزير اليڪسي گروز ديو چيو ته پاڪ – رو?? بزنس فورم ترقي جون نيون راهون هموار ڪندو. ايم او يو جي تقريب ۾ روس ۾ پاڪستان جي سفير خالد جمالي، روس ?? پاڪستان جي سينيٽرن سميت ٻين اهم عهديدارن شرڪت ڪئي.