نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تر?? صدر گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين جو مسئلو موثر انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن سڄي هال ۾ موجود ماڻهن جي دلين کي موهي ورتو، اسان معاشي چئلينجن کي قبول ڪيو، الله تعاليٰ جي بي پناهه فضل ۽ ڪرم سان حڪومت ۽ سڀني ادارن جي گڏيل ڪوششن سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آندو آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف تر?? صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ گڏيل قومن ۾ تر?? صدر انتهائي پرجوش خطاب ڪيو. تر?? صدر سان ملاقات ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. تر?? صدر فلسطين جو مسئلو جهڙي طرح بيان ڪيو، ان سان سڄي هال ۾ موجود ماڻهن جي دلين کي موهي ورتو آهي. وزيراعظم تر?? صدر کي سندس خطاب تي مبارڪباد ڏي??دي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، تر?? صدر سان ڀائراڻن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. تر?? صدر جلد ئي پاڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سڀاڻي آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس آهي. آءِ ايم ايف جون شرطون سخت هيون پر اسان اهي سڀئي شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن. هن چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيندي چيو ته انهن جي تعاون ک??نسواءِ اهو ممڪن نه هو. آءِ ايم ايف معاهدو حتمي مرحلي ۾ آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي ڪجهه شرطن جو تعلق چين سان هو، چيني حڪومت ماضي وانگر ٻيهر پاڪستان جو هٿ مضبوط ڪيو. چيني قيادت جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته اسان معاشي چئلينجن کي قبول ڪيو، الله تعاليٰ جي بي پناهه فضل ۽ ڪرم سان حڪومت ۽ سڀني ادارن جي گڏيل ڪوششن سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آندو آهي، معاشي انگن اکرن ۾ مسلسل بهتري اچي رهي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان جو رخ صحيح رکي ۽ اسان کي پاڪستان جي عوام جي هر ممڪن خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.