اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سيد حسنين حيدر کي سينيٽ جو سيڪريٽري مق??ر ڪري ڇڏيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان مطابق سيد حسنين حيدر ان کان اڳ سينيٽ جي وقتي سيڪريٽري طور فرض انجام ڏئي رهيو هو، گريڊ 21 هين جي ايڊيشنل سيڪريٽري سينيٽ حفيظ الله شيخ کي گريڊ 22 هين ۾ اسپيشل سيڪريٽري سينيٽ مق??ر ڪيو ويو آهي. ٻئي آفيسر سينيٽ ۾ قان??ن سازي ۽ انتظامي معاملن جو وسيع تجربو رکن ٿا، انهن جي مق??رين جا باقاعده نوٽيفڪيشنن پڻ جاري ڪيا ويا آهن.