اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۾ ڪالهه سومر ڏينهن هڪ ٻئي بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهيد ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن ج?? پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئ??. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي مارجي ويلن ج?? پونئيرن سان مڪمل تعاون جي هدايت ڪئ??. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد کان جلد وطن واپسي جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئ??. وزيراعظم پاڪستاني سفارتخاني کي زخمين جي سارسنڀال ۽ انهن کي بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. واضح رهي ته ڪالهه سومر ڏينهن ايران ۾ پاڪستاني زائرين کي کڻي ويندڙ ب?? هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئ?? جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا. پاڪستاني زائرين اربعين ۾ شرڪت جي لاءِ ايران جي رستي عراق وڃي رهيا هئا ته انهن جي بس ايران جي صوب?? فارس جي شهر نيريز ۽ صوبي ڪرمان جي علائقي سرجان جي وچ ۾ مرڪزي رستي تي هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئ??، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا.