اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) مسجد نبوي جو امام الشيخ ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير 7 ڏينهن جي خير سگالي د??ري تي پاڪستان پهچي ويو. مذهبي معاملن واري وزارت جي تر??مان موجب مذهبي معاملن واري وزير چوڌري سالڪ حسين، سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي ۽ سيڪريٽري مذهبي معاملا ذوالفقار حيدر سندس هوائي اڏي تي استقبال ڪيو. مسجد نبوي جو امام فيصل مسجد ۾ جمعي جي نماز جي امامت ڪندو. پاڪستان ۾ تر??ڻ دوران ڊاڪٽر صلاح بن محمد البدير صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. ان کان علاوه سندس پاڪستاني عالمن سان ملاقات به شيڊول جو حصو آهي.