اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان معاشي ترقي ۽ اس??حڪ??م طرف گامزن آهي، محدود وسيلن جي باوجود ترقياتي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، معاشي اس??حڪ??م جي لاءِ سڌارا وقت جي اهم گهرج آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي هيڊ آفيس جي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، ايس اي سي پي جو چيئرمين عاڪ?? سعيد ۽ ايس اي سي پي جو باني چيئرمين شميم احمد خان به موجود هُئا. نائب وزيراعظم چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ موقعا موجود آهن، اسان هر قسم جي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، رڳو رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت گڏيل واپار جي پاليسي تي گامزن آهي. ملڪي روانگي واپار جو فر??غ حڪومت جي بنيادي ايجنڊا آهي، پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ خطي ۾ سڀ کان بهتر وڃي رهي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ٻطرفي ۽ ٻاهرئين ملڪن مان واپار جو فر??غ اسان جي ڌيان جو محور آهي. موجوده حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، مايوسي ڦهلائيندڙ ٻُڌي ڇڏين ته پاڪستان ڪڏهن به ڊيفالٽ نه ٿيندو. هن چيو ته وزيراعظم جو سمورو ڌيان معاشي سڌارن ۽ واپار جي فر??غ تي آهي. ملڪي روانگي واپار جو فر??غ اسان جي حڪومت جي بنيادي ايجنڊا آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي پي) هيڊ آفيس عمارت جي تعمير مقرر مدي ۾ ڪئي ويندي. ان عمارت جي پلاٽ جي منظوري 2017ع ۾ اسان جي ان وقت جي حڪومت ڏني هئي، عمارت جي تعمير ۾ وڌيڪ دير نه ڪئي ويندي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان جي 2016ع جي دور ۾ ملڪ جي ٽنهي اسٽاڪ مارڪيٽس کي ضم ڪيو ويو، 2013ع کان 2017ع دوران ان حوالي سان قانون ۾ سڌارا آندا ويا. تقريب ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، ايس اي سي پي جي چيئرمين عاڪ?? سعيد ۽ ٻين سان گڏ ايس اي سي پي جي هيڊ آفيس بلڊنگ جي پيڙهه جي پٿر جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي.