اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) ??طل??عات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري ??فا??ي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ مو??مي??تي تبديلي تمام وڏو چئلينج هوندو، اسان کي پنهنجي نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي اهتمام هيٺ مارگلا هلز ۾ وڻڪاري مهم جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ??طل??عات واري ??فا??ي وزير چيو ته اسلام آباد جو شمار خوبصورت ترين شهرن ۾ ٿئي ٿو، اسان کي فخر آهي ته اسلام آباد اسان جو ڪيپيٽل آهي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ ٻين ملڪن کان وڻ ۽ گاهه درآمد ڪري پنهنجي ملڪ ۾لڳائين ٿا، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته هن اسان کي خوبصورت گادي واري شهر سان نوازيو. هن چيو ته مارگلا نيشنل پارڪ اسلام آباد جي سڃاڻپ آهي جنهن تي اسان فخر ڪريون ٿا. هن چيو ته وڻ زندگي جي علامت آهن، وڻ آهن ته اسان آهيون، اسان خوشنصيب آهيون ته اسان جو گهڻو وقت اسلام آباد ۾ گذري ٿو، اسلام آباد ۾ هوا جو معيار باقي شهرن کان ??هت?? آهي. هتي وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ سان ماحول ۾ وڌيڪ ??هت??ي ايندي. هن چيو ته ”سيلفي ود اي ٽري“ جي نالي سان وڻڪاري مهم شروع ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد جي شهرين کي گذارش آهي ته اهي وڌ کان وڌ وڻ ۽ ٻوٽا لڳائين. ??طل??عات واري ??فا??ي وزير تجويز ڏني ته ??فا??ي گادي واري شهر ۾ گرين روف ٽاپ پراجيڪٽ شروع ڪيو وڃي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ روف گرين ٽاپ طرف وڃي رهيا آهن، اسلام آباد ۾ روف ٽاپ تي بي پناهه جڳهه موجود آهي جتي ٻوٽا ۽ وڻ لڳائي سگهجن ٿا. هن چيو ته گرين روف ٽاپ سان پورو اسلام آباد سرسبز نظر ايندو. ??طل??عات واري ??فا??ي وزير مارگلا نيشنل پارڪ ۾ باهه لڳڻ جي واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته باهه لڳڻ جي ڪري نقصان به ٿيو پر سي ڊي اي، مو??مي??تي تبديلي واري وزارت، فائربرگيڊ، ٻيلن واري کاتي جي ٽيمن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته انهن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي رات دير تائين باهه وسائڻ جون ڪوششون ڪيون، جيڪڏهن ڪٿي ڪو تخريبڪاري جو عنصر موجود هو ته ان جي خلاف ڪارروائي به ڪئي وئي. هن چيو ته ايندڙ وقتن ۾ مو??مي??تي تبديلي تمام وڏو چئلينج هوندو. ??فا??ي وزير چيو ته پاڪستان جو ڪاربن جي اخراج ۾ رڳو 2 سيڪڙو حصو آهي پر ان جو 90 سيڪڙو نقصان اسان برداشت ڪريون ٿا. اسان وٽ ٻوڏ اچي ٿي، هوا جو معيار خراب ٿئي ٿو ته ان ۾ اسان جو ڏوهه نه آهي، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪاربن جو اخراج وڌيڪ آهي جنهن جي ڪري ماحول کي وڌيڪ نقصان پهچي ٿو، انهن ملڪن تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پاڪستان حڪومت سان تعاون ڪن. هن چيو ته مو??مي??تي تبديلي پوري انسانيت جو مسئلو آهي، انسانيت ۽ مستقبل جي نسلن جي خاطر اسان کي وڌي چڙهي وڻڪاري ۾ حصو وٺڻو پوندو ۽ ان کي قومي ذميواري ۽ ايندڙ نسلن جو مسئلو سمجهي سنجيدگي سان سرانجام ڏيڻو پوندو. ??فا??ي وزير چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ??مي?? ٻين جاين تي وڻڪاري مهم جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. ??طل??عات واري ??فا??ي وزير چيو ته مارگلا نيشنل پارڪ جي حفاظت ڪرڻ به اسان جي ذميواري آهي. اسلام آباد جا شهري ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ??فا??ي وزير چيو ته ”ٽريڪ يور ٽري“ جي نالي سان جلد ايپلي ڪيشن لانچ ٿيندي، ان جي ويب سائيٽ اڳ ۾ ئي موجود آهي، ان ايپلي ڪيشن ذريعي شهري پنهنجي لڳايل ٻوٽي ۽ وڻ جي واڌويجهه ڏسي سگهندا. ??طل??عات واري ??فا??ي وزير چيو ته اسان جي بقاءَ وڻن سان آهي، اسان کي وڻ لڳائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ حڪومت اسلام آباد جي ماحول کي صاف رکڻ ۽ اتي وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته هر شهري جي ذميواري آهي ته هو وڻ لڳائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن کي چيو ته اها ٽي وي چينلز جي ٽاڪ شوز ۾ خصوصي پروگرام جو اهتمام ڪري ته جيئن عوام ۾ وڻ لڳائڻ جي اهميت بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي. هن چيو ته ميڊيا معاشري جي ذهن سازي ڪري ٿي ۽ معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪري ٿي. سمورا ٽي وي چينلز پنهنجي آفيسز ۾ ٽري پلانٽيشن مهم جي شروعات ڪن. جيڪڏهن انهن وٽ جڳهه نه آهي ته ان جي لاءِ هتي جڳهه مخصوص ڪئي ويندي. سڀئي ٽي وي چينلز هتي اچن ۽ وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺن. هن چيو ته جيڪڏهن ان ڪم کي تيزي سان نه ڪيو ويو ته خدا نه ڪري هڪ وقت ايندو اسان کي ساهه کڻڻ جي لاءِ آڪسيجن سيلينڊر کڻڻا پوندا. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي دوران سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون لڳو، ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا، اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي آبهوا کي صاف رکون، وڌ کان وڌ وڻ لڳايون ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻايون. ??طل??عات واري ??فا??ي وزير چيو ته هو ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي تجويز ڏي ٿو ته اهي هر وزارت ۾ وڻ لڳائڻ جو شيڊيول تيار ڪن جتي ماڻهن کي وڻ لڳائڻ جي ترغيب ڏئي سگهجي.