اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ابوظهبي پورٽس سان معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪري ان مان ڀرپور لاڀ پرايو ويندو، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد مشينري سان بندرگاهه تي سامان ۽ ڪنٽينرز جي انتظام کي بهتر بڻايو وڃي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان ابوظهبي پورٽس پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم عزيز خان وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وز??را??ظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ابوظهبي پورٽس پاڪستان ڪراچي بندرگاهه ۾ ايندڙ 10 سالن دوران 250 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، 130 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري سان تعمير ٿيندڙ جديد ۽ سمورين ضروري سهولتن سان ليس گهڻ مقصد ٽرمينل ايندڙ ٻن سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو. وفد وز??را??ظم کي ڪراچي بندرگاهه تي ڪنٽينر ٽرمينل جي سهولتن ۾ بهتري جي لاءِ ڪمپني جي سيڙپڪاري تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪنٽينر ٽرمينل جي منصوبي ۾ ايڪس ڪنٽرول، خودڪار گيٽس، برٿ ۾ وڌيڪ 200 ميٽر جي توسيع، ڪرين ريل ٽريڪ ۽ ٻئي انفراسٽرڪچر جي تعمير شامل آهي، ٽرمينل تي نئين انفراسٽرڪچر جي تعمير سان هڪ لک 20 هزار ٽن تائين جا مال بردار جهاز لنگرانداز ٿي سگهندا جنهن سان بندرگاهه تي معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. وز??را??ظم چيو ته ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد مشينري سان بندرگاهه تي سامان ۽ ڪنٽينرز جي انتظام کي بهتر ڪيو وڃي. هن ه??اي?? ڪئي ته ڪنٽينرز جي نظام کي بهتر ڪري ڪليئرنس جي لاءِ گهربل وقت کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي. وز??را??ظم چيو ته ابوظهبي پورٽس سان معاهدي جو مقصد شفافيت، صلاحيت ۾ اضافي ۽ پورٽ آپريشنز جي بهتري آهي، ابوظهبي پورٽس سان معاهدي کي لاڳو ڪرڻ ۾ هر قسم جي معاونت فراهم ڪري ان مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو. وز??را??ظم ريلوي عملدارن کي منصوبي کي فعال بڻائڻ ۽ ٽرمينل تان سامان جي پهچ کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ مال برد??ر بوگين ۽ ضروري رولنگ اسٽاڪ جي فراهمي جي پڻ ه??اي?? ڪئي.