راولپنڊي – 09 – جولائي (اي پي پي) اتر وزيرستان ضلعي ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي شهادت ماڻيندڙ ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد شهيد جي جنازي نماز چڪلالا گيريزن راولپنڊ?? ۾ ??دا ڪئي وئي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آرمي چي?? جنرل سيد عاصم منير، شهيد جي گهرڀاتين، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي ??في??رن ۽ جوانن جي وڏي انگ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چي?? ته پاڪ فوج جي ??في??رن ۽ جوانن جون قربانيون پرامن ۽ خوشحال پاڪستان ۽ هر قسم جي دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي اسان جي عزم جي تصديق ڪن ٿيون. هن چي?? ته قوم انهن غيرملڪي دهشتگردن ۽ انهن جي سه??لت??ارن جي خلاف پرعزم آهي ۽ پاڪستان جي انهن دشم??ن کي هول – آف – دي – سسٽم حڪمت عملي تي ٻڌل گهڻ رخي حڪمت عملي جي ذريعي مڪمل شڪست ڏني ويندي انشاءَ الله. شهيد کي سندس اباڻي شهر ۾ پوري فوجي اعزاز سان دفنايو ويندو.