آستانه – 04 – جو??ائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس گذريل ڏهاڪن دوران ٻطرفن لاڳاپن جي ??مورن شعبن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ واڌ کي ساراهيندي گڏيل لاڀائتي تعاون، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ بيلاروس جي ??در اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي وچ ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿيل ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته ملاقات ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت فوجي ??هڪار ۽ علائقائي معاملن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جي ??در لوڪا شينڪو کي ايس سي او جي ميمبرشپ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان سان ايس سي او کي وڌيڪ مضبوطي ملندي. هن برآمداتي ترقي، عوام جي معاشي طور تي مضبوطي ۽ دوست ملڪن کي سيڙپڪاري طرف راغب ڪرڻ وسيل?? پ??ڪستان جي ??قتصادي بحالي ج?? پ??ليسي کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقا??ي ترقي اتي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته شنگها??ي تعاون تنظيم (ايس سي او) تحت ڪم جي مختلف رخن تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. جڏهن ته وزيراعظم هڪ پرامن ۽ مستحڪم خطي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ خواهشن کان آگاهه ڪيو.