راولپنڊي-23 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سرڪاري دؤري تي جرمني پهچي ويو. جرمني جي اعليٰ فوجي ۽ سول قيادت س??ن ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي مع??ملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر مطابق جرمني جي بچاءَ واري وزارت ۾ چيف آف ڊفينس جنرل ڪا??شن بريور آرمي چيف جو استقبال ڪيو. جرمن هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آف ??نر پيش ڪيو. آرمي چيف جرمني آرمي جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل الفونس ماس سان به ملاقات ڪئي ۽ جرمن آرمي چيف سان فوج جي دستن کي ڏني ويندڙ تربيت جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. هن شهري جنگ تي هڪ مظاهرو به ڏٺو ۽ مختلف تربيتي سهولتن جو دؤرو ڪيو. آرمي چيف وفاقي چانسلر جي پرڏيهي پاليسي ۽ سلامتي جي مشير جينز پلوٽنر، پرڏيهي مع??ملن بابت مملڪتي وزير ٽوبياس لنڊر ۽ نيل هلمر، بچاءَ واري وزارت ۾ رياستي سيڪريٽري نيل هلمر سميت ٻين سول ۽ عسڪري قيادت س??ن ملاقاتون ڪيون. جرمن قيادت دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي. آرمي چيف، جرمني آرمڊ فورسز ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج هيمبرگ جو به دؤرو ڪندو جتي هو مختلف ملڪن مان ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن کي خطاب ڪندو ته جيئن پاڪستان جي علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي روشني ۽ گڏيل قومن جي مشنز ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار تي روشني وِجهن.