اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ??ه معيشت ۽ ايس آءِ ايف سي اسان جي لائيف لائ??ن ۽ ريڊ لائين آهن، سياسي شعبده باز ڇڪتاڻ ۾ اڳتي نڪري چڪا آهن، انهن کان پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام هضم نه ٿي رهيو آهي، غيرملڪي سيڙپڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي، انشاءَ الله ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي رهندي، جيڪي غيرملڪي سيڙپڪار ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا اسان انهن جا ضامن بڻجنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو گڏيل عرب امارات جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، پاڪستان جي موجوده قيادت تي يو اي اي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ??هو اسان جي لاءِ فخر جوڳو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڊيليور ڪرڻ ڄاڻي ٿو، دنيا اسان جي قدمن کي سنجيدگي سان ڏسي رهي ??هي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ 10 ارب ڊالر جي رقم مخصوص ڪئي آهي، اسان جي مخالفن کي حڪومت جي ڪامياب دورن ۽ سفارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون ??ضم نه ٿي رهيون ??هن. هن چيو ته ماضي ۾ جڏهن ڪو سيڙپڪار پاڪستان ايندو هو ته هو مختلف ڊويزنن ۽ وزارتن جا چڪر لڳائيندو رهندو هو، ڪا هڪ ون ??نڊو آپريشن نه هئي جو جتي انهن کي سموريون ??هولتون ??يسر هجن. هن چيو ته هاڻي سيڙپڪاري جي حوالي سان پاڪستان ۾ ايس آءِ ايف سي جو فورم موجود آهي ??تي سيڙپڪارن کي ون ??نڊو سهولتون ڏنيون ??يون ??ڃن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جتي به ويو هن واپار ۽ سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي اندر بي پناهه وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي، اسان جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان وٽ ماهر ورڪ فورس موجود آهي ۽ پوري دنيا اسان جي انهن صلاحيتن کي تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ آءِ ٽي ڪانفرنس ۾ پاڪستاني ڪمپنين جا يو اي اي جي ڪمپنين سان معاهدا ٿيا. هن نجي شعبي جي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته دنيا جي ترقي يافته قومن نجي شعبي کي سهولت فراهم ڪري ئي ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته ڏيڍ سال اڳ اسان جو ايڪسچينج ريٽ مستحڪم نه هو، ايڪسپورٽرز کي مشڪلاتون ??رپيش هيون. هاڻي ناقدين وڏيون ??ڏيون ڳالهيون ڪن ٿا پر انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ??ا ته ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف ۽ ايس آءِ ايف سي جي جون گڏيل ڪوششون ??امل آهن. هن چيو ته اسان جي قدمن جي ڪري اڄ سيڙپڪاري ۽ غيرملڪي وفد پاڪستان اچي رهيا آهن ۽ جي ٽو جي ۽ بي ٽو بي ڊسڪشنز ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ايران جي مرحوم صدر پڻ پاڪستان سان واپار کي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. وفاقي وزير چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي انگن اکرن موجب گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مهيني سيڙپڪاري جي شرح ۾ 172 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ??يڪو 13 ڪروڙ 19 لک ڊالر مان وڌي 35 ڪروڙ 88 لک ڊالر تي ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪارن ۽ دوست ملڪن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، ماڻهو ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهي ماڻهو جن آءِ ايم ايف کي ليٽر لکيو، جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي خلاف مهم شروع ڪئي ۽ ملڪ ۾ تباهي ۽ برباد برپا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اڄ اهي ??يس آءِ ايف سي تي حملي آور آهن. انهن ايس آءِ ايف سي جي خلاف منظم مهم هلائي ڇو ته انهن کي نظر اچي رهيو آهي ??ه ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات 10 ارب ڊالر جي وڏي رقم مختص ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته انهي ڏينهن هي ??يس آءِ ايف سي تي حملي آور ٿيا. هن چيو ته پوري قوم پاڪستان جي معيشت کي ٻوڙيندڙن جون ??رڪتون ڏسي رهي ??هي. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت وفاقي بجيٽ کان اڳ ۾ بجيٽ پيش ڪئي آهي، تاريخ ۾ ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو ته وفاقي حڪومت جي بجيٽ کان اڳ صوبائي حڪومتون ??نهنجي بجيٽ ڏين، ان جو سبب اهو هوندو آهي ??ه وفاقي حڪومت کي باقاعده بجيٽ ڪاٿو ڏيڻو هوندو آهي پر خيبرپختونخواهه جي حڪومت اڳ ۾ بجيٽ پيش ڪري عوام کي بيوقوف بڻائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته هي ??نهن 14 سيڪڙو جو ڪاٿو پاڻ لڳائي رهيا آهن ان جو تعين وفاقي حڪومت ۽ ناڻي واري وزارت کي ڪرڻو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير وفاقي حڪومت جي بجيٽ جو ڪاٿو به پاڻ پيو ٺاهي. هن چيو ته شايد کيس اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جي اسپيلنگ به نه ايندي هجي ۽ هي وفاق جي بجيٽ ڪاٿي جو تعين پاڻ ڪرڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته وفاق ۽ وفاقي ڌرين کي گڏجي هلڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ هڪ شخصيت کي پنهنجي ريڊ لائين ڊڪليئر ڪيو هو پر اسان جي ريڊ لائين ايس آءِ ايف سي آهي ??يڪا وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ جي اندر سيڙپڪاري کڻي اچي رهي ??هي ??نهن سان ملڪ کي معاشي استحڪام ملي رهيو آهي، غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي معيشت اسان جي لائيف لائين آهي، انهي معيشت سان ڪروڙين ماڻهن کي روزگار، مهانگائي جو خاتمو ۽ نوجوانن جو روشن مستقبل واڳيل آهي. هن چيو ته اهي ??سان جون ??يڊ لائينز آهن جن کي هي ماڻهو ڪراس ڪندا پيا وڃن. هن چيو ته هي ماڻهو سياسي نعريبازي ۽ شعبده بازي جي لاءِ اهڙا قدم کڻي رهيا آهن جو آئ??ن ۽ قانون ??ان ڪو تعلق نه آهي، هي ??ڳو ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته انشاءَ الله ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي رهندي، جيڪي غيرملڪي سيڙپڪار ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا اسان انهن جا ضامن بڻجنداس??ن ۽ انهن جي سيڙپڪاري کي يقيني بڻائينداسين، عام ماڻهو جي زندگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻنداسين. هن چيو ته هڪ صوبي جو وڏو وزير ان ماحول کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو، هو چاهي ٿو ته هن ملڪ جي اندر تباهي ۽ برباد پکڙجي. هن چيو ته اسان سدائين خيبرپختونخواهه جي اندر سيا??ت کي فروغ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، اسان ٻاهرئين ملڪ وڃون ??ا ته اسان سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪريون ??ا، اسان چئني صوبن جي ڳالهه ڪريون ??ا. هن چيو ته ٻين صوبن جا وڏا وزير ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، انهن وانگر ٽريڪ سوٽ پائي ٽي وي تي بيان نه ٿا ڏين. هن چيو ته اسان متحد ٿي خيبرپختونخواهه جي عوام جي لاءِ به ايترو ئي ڪم ڪنداسين جيترو باقي صوبن جي عوام جي لاءِ ڪري رهيا آهيون. اسان عوام سان سڌوسنئون ??ابطي ۾ رهنداسين، انهن جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ سياسي پارٽي غيرملڪي سيڙپڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي ??هي ??نهن ۾ اها ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. ڇڪتاڻ سان رڳو پنهنجو نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ته آئين جي خلاف ورزي ڪندڙن جي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي. وفاقي وزير چيو ته وفاق سمورن صوبن کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿو، اسان چاهيون ??ا ته افهام تفهيم سان معاملا طئي ٿ??ن ۽ هر صوبي کي ان جو شيئر ملي. وفاق ڪڏهن به ڪنهن صوبي سان اهڙو رويو نه رکيو جنهن سان ڪنهن تعصب جو تاثر ويندو هجي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير تعصب پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، ان ۾ ان کي ڪڏهن به ڪاميابي نه ملندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي وفد سان ملاقاتن جي حوالي سان تياري بابت پاڻ اجلاس منعقد ڪيا، پهرين مئي تي موڪل جي ڏينهن به وزيراعظم ميٽنگ طلب ڪئي ۽ سعودي وفد سان ملاقاتن جي حوالي سان تياري بابت بريفنگ ورتي. سعودي وفد جڏهن پاڪستان جي دوري تي آيو ته هن چيو ته اسان توهان جي تياري کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهيون ??يڪو اسان جي لاءِ فخر جوڳو آهي.