اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قانونسازي جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وفاقي ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي. ڪابينا ??ويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم قانونسازي بابت معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان ڪميٽي جو نالو ” قانونسازي جي معاملن جي سُڃاڻپ بابت ڪابينا ??ميٽي (سي سي ايل سي) آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ نئين قانونن، قاعدن ۽ موجوده قانونن، قاعدن جو جائزو وٺڻ ۽ اها سفارش ڪرڻ ته ڇا اهي حڪومتي پاليسي موجب آهن، اهو جانچڻ ته موجوده قانونن ۾ ترميم آئيني اسڪيم موجب آهي، ڪنهن موجوده قانون جي خلاف ورزي نه ٿو ڪري ۽ پارليامي??ٽ جي اختيار ۾ اچي ٿو. تجوويز ڪندڙ، ڊويزن سان پاليسي جي معاملي تي اختلاف جي صورت ۾ ٻنهي جو موقف ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو ته جيئ?? اها فيصلو ڪري سگهي. ڪميٽي جو سربراهه قانون ۽ انصاف وارو ??فاقي وزير هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو ??فاقي وزير، اوورسيز پاڪستانيز وارو ??فاقي وزير، واپار وارو ??فاقي وزير، ناڻي وارو ??فاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو ??فاقي وزير، خصوصي دعوت تي اٽارني جنرل، وفاقي سيڪريٽري ڪابينا ??ويزن، سيڪريٽري قانون ۽ انصاف ڊويزن ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري وزيراعظم آفيس ڪميٽي جا ميمبر هوندا. چيئرمين ڪميٽي ڪنهن به اجلاس جي لاءِ ڪنهن به وفاقي وزير کي شامل ڪري سگهي ٿو.