اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان ٻطرفن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا ??وا??شمند آهيون، هن برطانيا سان واپار، سيڙپڪاري، مو??مياتي تبديلي ۽ عوام جي سطح تي رابطن سميت علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پي آءِ اي جي اڏامن جي جلد بحالي تي زور ڏن??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد وارن پيغامن تي برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ ۽ پرڏيهي وزير لارڊ ڊيوڊ ڪيمرون جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو ??وا??شمند آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻا تاريخي لاڳاپا آهن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون سان گڏوگڏ ڀرپور سياسي خيرسگالي ڏٺي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي ??وا??ش آهي ته ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏن?? وڃي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ معاهدي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم م??اقات ۾ حڪومت جي معاشي ترجيحن خاص طور تي ملڪ کي درپيش اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدمن جي اهميت جو ذڪر ڪيو. ان سلسلي ۾ وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، مو??مياتي تبديلي، عوام جي وچ ۾ رابطن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي معاملن تي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏن??. هن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پي آءِ اي جي اڏامن جي جلد کان جلد بحالي تي زور ڏن?? جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ برطانيا ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستانين کي آساني ملندي. هن برطانوي هاءِ ڪمشنر کي چيو ته هو شاهه چارلس ٽئين جي لاءِ سندس نيڪ ??وا??شون پهچائي ۽ ان جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پنهنجي صحتيابي کانپوءِ هو پاڪستان جو دورو ڪندو.