اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) صد??رت?? اليڪشن ۾ مخالف اتحاد جي اميدوار محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته آصف علي زرداري کي ملڪ جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو، فضل الرحمان جو ووٽ ملڻ گهرجي ها. تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي پارلي??مي??ٽرين ووٽ نه وڌو، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو نه ڪنهن ووٽ خريد ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن وڪرو ڪيو. صد??رت?? اليڪشن جي نت??جن جي اعلان کانپوءِ پارلي??مي??ٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آصف علي زرداري هڪ مڃيل سياستدان آهي. اميد آهي ته هو ملڪ ۽ قوم کي چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ ٺوس قدم کڻندو. هن چيو ته شبلي فراز سميت ڪيترن ئي پارلي??مي??ٽرين ووٽ نه وڌو. اميد هئي ته مولانا فضل الرحمان جو ووٽ مون کي ملندو. هن چيو ته ملڪ خاطر اسان ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.