اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير ح??ين امير عبداللهيان نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني کي ٽيليفون ڪئي ۽ ايران جي قيادت ۽ عوام پاران نگر??ن حڪومت کي پاڪستان جي 2024ع جي پارلياماني چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي ڀائر عوام پاران نيڪ خواهشن کي ساراهيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي حڪومتن سان گڏوگڏ عوام جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي ا??اگ?? ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ايراني پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ سرڪاري مصروفيتون مڪمل طور تي بحال آهن.