اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) اليڪش?? ڪميشن آف پاڪستان سوشل ميڊيا ۾ بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ وڊيو کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته بيلٽ پيپرز ماضي وانگر اردو الفابيٽ جي ترتيب سان پرنٽ ڪيا ويا آهن. اليڪش?? ڪميشن م??ن جاري بيان ۾ ترجمان چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي بيلٽ پيپرز جي پرنٽنگ ۽ سائيز بابت هلندڙ هڪ وڊيو گمراهه ڪندڙ آهي. واضح رهي ته هميشه اميدوارن جي انگ جي حساب سان بيلٽ پيپر سنگل، ڊبل ۽ ٽرپل ڪالم ۽ اردو الفابيٽ جي ترتيب ۾ پرنٽ ڪيو ويندو آهي ۽ هن ڀيري به انهي ترتيب سان پرنٽ ڪيو ويو آهي?? جڏهن ته بيلٽ پيپر جي فولڊنگ ۽ اليڪشن جي ٻين م??حلن بابت معلوماتي وڊيوز اليڪش?? ڪميشن جي ويب سائيٽ www.ecp.gov.pk ۽ يوٽيوب چئنل تي موجود آهن. ووٽرز کي سوشل ميڊيا ۾ گر??ش ڪندڙ خبرن تي اعتبار ڪرڻ بدران م??لومات لاءِ صرف اليڪش?? ڪميشن م??ن جاري ڪيل آگاهي وڊيوز مان فائدو کڻڻ گهرجي يا ڪنهن شڪايت جي صورت ۾ اليڪش?? ڪميشن جي قائم ڪيل ڪمپلينٽ سيل تي 0151111327000 تي رابطو ڪن.