اسلام آباد- 30 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پنجاب چيمبر آف ا??جوڪيشن جي صدر حاجي اشفاق احمد وڙائچ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفاقي وز??ر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته چيمبر، حڪومت ۽ پرائيويٽ تعليمي شعبي وچ ۾ ويڇن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پنجاب چيمبر آف ا??جوڪيشن اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيمبر طرفان هاڪاري فيڊ بيڪ کي تسليم ڪيو ۽ چيو ته اهي ??جو??زون ايندڙ آءِ پي اي ايم سي ۾ صوبن کي موڪليون وينديون. وفاقي وزير کي صوبن ۾ اڻ اعلانيل موڪلن جي مسئلن بابت ٻُڌايو ويو، جنهن سبب اسڪولن جا تعليمي ڏينهن گهٽ ٿي رهيا آ??ن. ??ن کي ٻُڌايو ته تعليمي ڪئلينڊر سال کي اهڙيءَ طرح نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن موسمياتي تبديلين جي اثرن کي ختم ڪيو وڃي. وفاقي وزير کي ٻُڌايو ويو ته موسمياتي تبديلين سبب مختلف علائقن جي موسم مختلف ا??داز ۾ متاثر ٿيندي آهي. پي اي سي استادن جي تربيت جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ حڪومت کي پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. پي اي سي چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر ذريعي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ پي اي سي پنهنجون خدمتون وفاقي حڪومت کي به پيش ڪيون. وفاقي وزير چيو ته اهي ??جو??زون هاڪاري آهن ۽ صوبن کي انهن کي عملي جامو پارائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته پاليسيون اهڙي طرح بڻايون وڃن ته هاءِ اينڊ ۽ لو اينڊ پرائيويٽ ادارن لاءِ هڪ ئي پاليسي نه هئڻ گهرجي.