اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪ??دي علائقائي استحڪام جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن ايران جي افغانستان معاملن بابت خاص نمائ??دي حسن ڪاظمي قمي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پرڏيهي وزير پرامن ۽ مستحڪم خطي جو ويزن حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ هن افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائ??دي آصف دراني سان افغانستان جي صو??تحال ۽ امن امان ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ علائقائي عمل تي وسيع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.