اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ??يڪ?? محتسب (ايف ٽي او) سال 2023ع دوران ??يڪ?? ۽ ڪسٽم عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف 8128 شڪايتن جو ازالو ڪيو آهي جڏهن ته 2022ع ۾ شڪايتن جو انگ 6106 هو، ايف ٽي او 2022ع ۾ 7 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 2023ع ۾ ??يڪ?? ڏيندڙن کي 17.74 بلين رپين جو ريليف فراهم ڪيو آهي. اها ڳالهه صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي کي بريفنگ دوران ٻڌائي وئي جنهن اسلام آباد ۾ ايف ٽي او آفيس جو دورو ڪيو. وفاقي ??يڪ?? محتسب (ايف ٽي او) ڊاڪٽر ??صف محمود جاهه، ايف ٽي او جي صلاحڪارن، علائقائي سربراهن ۽ ايف ٽي او جي سينيئر عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفاقي ??يڪ?? محتسب ڊاڪٽر ??صف محمود جاهه صدر کي ايف ٽي او جي مجموعي ڪارڪردگي، آئوٽ ريچ ۽ ??يڪ?? ڏيندڙن جي سهولت جي لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته ايف ٽي او 60 ڏينهن جي اندر ??يڪ?? عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت ڪندڙن کي مفت انصاف فراهم ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته 2023ع دوران شڪايتن جي ازالي جي لاءِ سراسري وقت کي گهٽ ڪري 44 ڏينهن ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايف ٽي او هڪ عوامي ريليف تي ٻڌل ادارو آهي جنهن پنهنجي فيصلن جي ذريعي گهٽ پگهار وارن ملازمن، استادن، پگهاردار طبقي، پينشنرز ۽ گاڏين جي خريدارن کي ??يڪ?? ۾ ريليف فراهم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايف ٽي او ملڪ جي مختلف شهرن ۾ نيون آفيسون کولڻ، هيلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ سيمينارز ۽ ڪاروباري برادري سان ڳالهه ٻولهه جي ذريعي آگاهي ڦهلائي پنهنجي پهچ ۽ ڪيسن جي داخلا کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ايف ٽي او سوشل ميڊيا ۽ سيلولر ڪمپنين جي ذريعي وڏي پئماني ت?? پيغام پهچائڻ جو استعمال ڪندي ??يڪ?? جي معاملن ۾ پنهنجي ڪردار ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ سرگرم عمل آهي. ان موقعي ت?? خطاب ڪندي صدر چيو ته ايف ٽي او کي ??يڪ?? ڏيندڙن تائين پنهنجي پهچ وڌائڻ کانسواءِ شڪايتن جي داخلا ۽ انهن کي اڪلائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجي. هن ايف ٽي او۽ ايف بي آر جي وچ ۾ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد ۽ ??يڪ?? نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ??يڪ?? ۽ روينيو جنريشن کي وڌائڻ جي لاءِ بهتر ??يڪ?? نظام لازمي آهي جنهن سان اسان جي معيشت کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ قرضن تي ملڪ جو دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر ايف ٽي او جي ڪارڪردگي کي ساراهيو جنهن شڪايت ڪندڙن کي 17.74 بلين رپين جو ريليف فراهم ڪرڻ کانسواءِ گذريل سال 8128 شڪايتن جو ازالو ڪيو. هن شڪايت ڪندڙن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وقت سر ريليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.